اسلام اباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. رهتن جي آخري قسط جي ادائگي لاءِ 20 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته 1200 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن مقرر تاريخ تائين ٻي قسط جمع نه ڪرائي آهي. ترجمان موجب سرڪاري حج اسڪيم تحت حج جا خواهشمند 21 آڪٽوبر رات …
مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام اباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. رهتن جي آخري قسط جي ادائگي لاءِ 20 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته 1200 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن مقرر تاريخ تائين ٻي قسط جمع نه ڪرائي آهي. ترجمان موجب سرڪاري حج اسڪيم تحت حج جا خواهشمند 21 آڪٽوبر رات جو 12 وڳي تائين پنهنجي ٻي قسط جمع ڪرائين، ٻئي قسط جمع نه ڪرائيندڙ حج پانڌيئڙن کي پيغام پڻ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته قسط جمع ڪرائڻ جو هي آخري موقعو آهي. جنهن جي ادائگي نه ڪرڻ جي صورت ۾ درخواست رد ڪري پهرين قسط واپس ڪئي ويندي.











