انگلينڊ خلاف ميچ ۾ ڪاميابي يادگار ڏينهن هو: آل رائونڊر عرفات منهاس

راولپنڊي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس چيو آهي ته هن لاءِ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ ڪاميابي يادگار ڏينهن هو، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. ميڊيا رپورٽن موجب عرفات منهاس انگلينڊ خلاف شاندار ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي 59 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته بالنگ ۾ 40 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ عرفات منهاس هڪ …

راولپنڊي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس چيو آهي ته هن لاءِ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ ڪاميابي يادگار ڏينهن هو، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. ميڊيا رپورٽن موجب عرفات منهاس انگلينڊ خلاف شاندار ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي 59 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته بالنگ ۾ 40 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ عرفات منهاس هڪ ئي ميچ ۾ اڌ سينچري اسڪور ڪرڻ ۽ پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي. پي سي بي ڊيجيٽل سان ڳالهائيندي عرفات منهاس چيو ته ميچ ۾ ڪاميابي سڀ کان اهم هوندي آهي ، هن چيو ته ڪپتان پاران هدايت ڪئي وئي هئي ته بالنگ سٺي جاءِ تي ڪرائڻي آهي. هن درست ايريا ۾ بالنگ ڪئي جنهن جو هن کي فائدو ٿيو. هيري بروڪ جي وڪيٽ جي حوالي سان عرفات منهاس چيو ته هن کي ڪرايل بالنگ ڪنهن به ليفٽ آرم اسپنر لاءِ ڊريم ڊليوري هوندو آهي.

مزید خبریں