پاڪستان هاڪي فيڊريشن قومي راند هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو مشن تيز ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي راند هاڪي کي هٿي وٺائڻ ۽ ان کي هيٺين سطح کان ٻيهر بلندين تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پنهنجو مشن تيز ڪري ڇڏيو آهي. فيڊريشن پاران ايندڙ هفتي کان ملڪ  جي مختلف شهرن جي 200 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هاڪي ڪٽس فراهم ڪيون وينديون. پي ايڇ ايف جي ذريعن موجب اهو قدم ملڪ جي چئني صوبن  تائين …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي راند هاڪي کي هٿي وٺائڻ ۽ ان کي هيٺين سطح کان ٻيهر بلندين تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پنهنجو مشن تيز ڪري ڇڏيو آهي. فيڊريشن پاران ايندڙ هفتي کان ملڪ  جي مختلف شهرن جي 200 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هاڪي ڪٽس فراهم ڪيون وينديون. پي ايڇ ايف جي ذريعن موجب اهو قدم ملڪ جي چئني صوبن  تائين ڦهلايو ويو آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو  بنيادي مقصد اسڪول جي سطح تي هاڪي راند کي آسان بڻائڻ ءٌ لڪل ٽيلينٽ کي ڳولهڻ سميت مستقبل لاءِ پاڪستان هاڪي جو هڪ مضبوط بنياد تيار ڪرڻ آهي.

مزید خبریں