اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ ٻطرفي واپار کي ايندڙ ٻن سالن ۾13.9 ملين ڊالر مان وڌائي 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، سڌي طرح هوائي رابطا قائم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌائڻ تي اتفاق ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد رياست جي قيام جي حمايت ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي …
پاڪستان ۽ مالديپ پاران ٻطرفي واپار کي ايندڙ ٻن سالن ۾13.9 ملين ڊالر مان وڌائي 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، سڌي طرح هوائي رابطا قائم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ ٻطرفي واپار کي ايندڙ ٻن سالن ۾13.9 ملين ڊالر مان وڌائي 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، سڌي طرح هوائي رابطا قائم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌائڻ تي اتفاق ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد رياست جي قيام جي حمايت ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي واپار، دفاع، صحت، تعليم، ٽيڪنالاجي، سياحت، نوجوانن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي صدر جي پاڪستان جي پهرين دوري تي آجيان ڪندي چيو ته مالديپ جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ تاريخي رابطا ۽ گڏيل دوستي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ واپار، دفاعي تعاون، تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻين شعبن ۾ ڀائيواري وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته مالديپ جا ڪيترائي شاگرد پاڪستان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن، خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ پاڪستاني تعليمي ادارن مالديپ جي شاگردن کي موقعا فراهم ڪيا آهن. گڏيل تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن وقت لڳ ڀڳ 250 پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ طبي عملو مالديپ جي مختلف علائقن ۾ انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن. پاڪستان مستقبل ۾ به هن تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مالديپ جي ضرورتن مطابق مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ 20 مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جيڪي ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف شعبن کي ظاهر ڪن ٿا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته انهن معاهدن کي صرف دستاويزن تائين محدود رکڻ بدران عملي قدمن ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ بروقت فيصلن ۽ تيزيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ماپو ان جي حقيقي صلاحيت ۽ امڪانن جي عڪاسي نٿو ڪري، هن وقت ٻطرفو واپار تقريباً 13.9 ملين ڊالر آهي تنهن هُوندي به ٻنهي ملڪن جي قيادت ڳالهين دوران ان کي ايندڙ ٻن سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن مالديپ جي صدر جي حمايت لاءِ ٿورا ادا ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ڪوششن سان اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا. هن مالديپ ۾ پنجن سالن دوران 50 لک وڻ پوکڻ جي هدف ۾ مدد جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ان مقصد لاءِ هڪ لک زيتون جا قلم ۽ مختلف قسمن جا هڪ لک ٻج فراهم ڪندو، اها مدد گڏيل صلاح مشوري سان فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم مالديپ ۾ ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي منصوبن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ان شعبي ۾ پنهنجي فني مهارت ۽ پيشيوراڻيون صلاحيتون مالديپ سان ونڊڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پُڻ مختلف هنڌن تي ڊيٽا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن ۽ ان شعبي ۾ حاصل ٿيندڙ تجربو مالديپ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن مُوجب هڪ آزاد، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست جي قيام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مالديپ پڻ فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ڪري ٿو. حمايت ڪري ٿو ۽ پاڪستان ان مقصد لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف کان ، مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مُوجب تڪرار جي پرامن حل لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۽ خودمختياري جي حق جي حمايت سفارتي ذريعن ۽ سڀني عالمي فورمن تي جاري رکندو ته جيئن هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مُوجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن. وزيراعظم سنڌ طاس معاهدي جي معطلي واري ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي تي پاڪستان جي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي سطح تي لاڳو معاهدن جو احترام لازمي ۽ ضروري آهي ۽ گڏيل پاڻي وسيلن کي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهُرجي. هن چيو ته پاڪستان مختلف عالمي فورمن تي واضح ڪري چُڪو آهي ته پاڻي ان لاءِ ريڊ لائن آهي، پاڻي زندگي، واپار، خوشحالي ۽ ترقي جو ذريعو هجڻ گهرجي، نه وري ڌمڪين ۽ تڪرارن جو. وزيراعظم چيو ته پاڻي انسانيت جي بقا لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي خاص طور تي هيٺاهين علائقن ۾ رهندڙ آبادين جي لاءِ ان جي اهميت بنيادي نوعيت جي آهي، هُن واضح ڪيو ته ڪنهن به خلاف ورزي کي پاڪستان جنگي قدم تصور ڪندو. وزيراعظم چيو ته مالديپ جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئون رُخ ۽ رفتار ڏيندو. هن چيو ته ڪراچي ۽ گوادر جي ساحلن کي ڇهندڙ اهوئي سمنڊ مالديپ جي ٻيٽن سان به جُڙيل آهي ۽ صدين کان ٻنهي خطن جي وچ ۾ واپاري، عالم ۽ مسافر انهيءَ سامونڊي رستي ذريعي ئي هڪ ٻئي جي علائقن ۾ پهچي رهيا آهن. هُن اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ مالديپ گڏجي پنهنجي دوستيءَ جو نئُون ۽ مضبُوظ باب لکندا. گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته اسلام آباد جو دورو ڪرڻ سندس لاءِ خوشي ۽ اعزاز جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 60 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اهي 6 ڏهاڪا گرمجوش دوستي، گڏيل عقيدي، گڏيل ڏاهپ ۽ گڏيل موقف جا عڪاس آهن. هن چيو ته هڪ ڏهاڪي جي وقفي کانپوءِ سندس پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن کي ماضي جي دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لاءِ نئون رخ مقرر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سندس ڳالهه ٻولهه وسيع ۽ ڪارائتي رهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن لاڳاپن کي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ وسيع، متحرڪ ۽ عوام جي لاءِ سڌوسنئون لاڀائتا بڻائڻ جا امڪان موجود آهن. صدر محمد معيزو چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 20 مفاهمتي يادداشتن تي ڏي وٺ صحت، تعليم، ماهيگيري، زراعت، نوجوانن، فنون، اسلامي معاملن، سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پوليس ۽ دفاع سميت ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون جا نوان رستا کوليندي جڏهن ته معاهدن جي اصل اهميت انهن تي عملدرآمد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا پهچائڻ ۾ آهي. صدر محمد معيزو ٻطرفي واپار کي ايندڙ ٻن سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي مڪمل تائيد ڪندي چيو ته مالديپ ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جي لاءِ غيرمعمولي اقتصادي امڪان رکن ٿا، ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي، سياحت جي فروغ ۽ گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته مالديپ – پاڪستان بزنس فورم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري اڳواڻن، سيڙپڪارن ۽ جديديت کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو، جتي گڏيل دوستي ۽ مفاهمت کي گڏيل فائدي جي سيڙپڪاري ۽ حصيداري ۾ تبديل ڪري سگهبو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جي شروعات جي لاءِ جاري ڳالهه ٻولهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سڌوسنئون فضائي رابطا سياحت جا نوان موقعا پيدا ڪندا. هن چيو ته سياحت به ٻنهي ملڪن جي لاءِ تعاون جو اهم شعبو آهي جتي گڏيل قدرن ۽ تجربن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن نوجوانن کي ٻنهي ملڪن جو مستقبل قرار ڏيندي پاڪستان پاران مالديپ جي شاگردن، رانديگرن، ڪوچز ۽ نوجوان پيشيور ماڻهن کي وظيفا، تربيت ۽ ٻيا موقعا فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ نوجوانن جي مٽاسٽا، مهارتن جي ترقي، ڪاروباري سرگرمين، جدت، قيادت ۽ مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهن. صحت جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان مالديپ جي صدر چيو ته اسان مالديپ جي شاگردن ۽ طبي ماهرن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهه ڪئي، ان ڏس ۾ پاڪستان جي ٽيڪنيڪي مدد پروگرام تحت ايم بي بي ايس جي سيٽن ۾ اضافي ۽ مالديپ جي ميڊيڪل گريجوئيٽس جي لاءِ پاڪستان ۾ انٽرن شپ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صدر محمد معيزو موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته مالديپ جي لاءِ اهو رڳو ماحولياتي مسئلو نه آهي پر ان جي سلامتي، ترقي ۽ مستقبل سان سڌوسنئون واڳيل معاملو آهي. هن ماحول جي تحفظ، ويسٽ مئنيجمينٽ، قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن مالديپ ۾ 5 سالن دوران 50 لک وڻ لڳائڻ جي هدف ۾ مدد جي لاءِ وزيراعظم پاڪستان پاران اعلان ڪيل مدد تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان پاران اهو تعاون مالديپ جي ماحولياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن پوليسنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي فورمز تي گڏيل مفادن جي فروغ جي لاءِ تعاون جاري رکندا. هن ڏکڻ ايشيا علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مالديپ تنظيم جي صلاحيت ۽ خطي جي گڏيل مسئلن جي حل ۾ ان جي ڪردار تي يقين رکي ٿو، مالديپ سارڪ جي بحالي جي لاءِ تعميري ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ايندڙ سارڪ سربراهي ڪانفرنس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر محمد معيزو فلسطيني عوام سان مسلسل پختي يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. هن وچ اوڀر ۾ جاري بحران جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، انساني امداد ۽ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر محمد معيزو چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ دوستي، گڏيل عقيدا، علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل احترام لاڳاپن کي مضبوطي ۽ پائيداري فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان 6 ڏهاڪن کان مالديپ جو اعتماد جوڳو دوست رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن پنهنجي پراڻي دوستي جي بنياد تي حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ وڌيڪ موقعن، خوشحالي ۽ فائدن جو سبب بڻجندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ مالديپ جي دوستي ايندڙ نسلن تائين وڌندي رهندي. ان کان اڳ وزيراعظم هائوس اچڻ تي مالديپ جي صدر جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. مالديپ جي صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي مالديپ جي صدر محمد معيزو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ مالديپ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيجيٽل اسڪلز، صحت، تعليم، دفاع، سامونڊي سلامتي، زراعت، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 20 يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون. ٻئي طرف مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي عوامي خدمتن، اداراجاتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ سندس اهم ڪردار تي عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد پاران سياسيات ۽ عالمي لاڳاپن ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي صدر کي اها اعزازي ڊگري وزيراعظم هائوس ۾ منعقد عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي 13هين خصوصي ڪانووڪيشن ۾ عطا ڪئي. مالديپ جي صدر اسلامي يونيورسٽي پاران اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عالمي اسلامي يونيورسٽي جا ٿورا ادا ڪيا.











