نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي تاجڪ وزيراعظم سان ملاقات، ويجهو تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

دوشنبي - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي امن جي فروغ ۽ گهري اقتصادي انضمام جي لاءِ تاجڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪئي. نائب …

دوشنبي – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي امن جي فروغ ۽ گهري اقتصادي انضمام جي لاءِ تاجڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شاندار مهمان نوازي ۽ پنهنجي وفد جي لاءِ ڪيل انتظامن تي تاجڪستان جي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي انتظامن کي ساراهيو. هن تاجڪستان کي آزادي جي 35هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، رابطن، دفاع ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عوامي سطح تي رابطن جي فروغ تي پڻ زور ڏنو. ان کانسواءِ موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي آفتن کي منهن ڏيڻ جي مهارت جو ذڪر ڪندي هن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قومي اداري (اين ڊي ايم اي) جي ذريعي تاجڪستان سان تعاون جي امڪانن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير علائقائي امن جي فروغ ۽ گهري اقتصادي انضمام جي لاءِ تاجڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں