وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام، هائوسنگ قرض لاءِ ضروري ڪاغذن جو انگ 5 ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام تحت هائوسنگ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪن ۾ جمع ٿيندڙ ملڪيتن جي ڪاغذن جو انگ گهٽ ڪري  5 ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ان سلسلي ۾ بئنڪن کي باقاعده هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هائونسگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي …

اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام تحت هائوسنگ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪن ۾ جمع ٿيندڙ ملڪيتن جي ڪاغذن جو انگ گهٽ ڪري  5 ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ان سلسلي ۾ بئنڪن کي باقاعده هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هائونسگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي اختيارين ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام سڄي ملڪ ۾ جاري هائوسنگ قرضن جو هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن تحت پاڪستان حڪومت طرفان پهرين ڀيرو گهر ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪروڙ روپين تائين قرض فراهم ڪيو پيو وڃي. اسڪيم تحت هائوسنگ فنانس لاءِ بئنڪن کي گهربل ضروري دستاويزن کي محدود ۽ معياري بڻايو ويو آهي. انهن دستاويزن ۾ ٽرانسفر ۽ پوزيشن ليٽر، سائيٽ جو نقشو، رهڻ جي اجازت جو خط ۽ رهڻ سميت 5 ضروري ڪاغذ شامل آهن. وزارت مطابق انهن قدمن جو مقصد قرض حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، صارفين کي غير ضروري دستاويزي تقاضائن مان نجات ڏيارڻ ۽ پنهنجي گهر جي تعمير لاءِ مالي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ آهي. ان کان اڳ بئنڪن طرفان قرض جي درخواستگذارن کان وڏي انگ ۾ دستاويز طلب ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون هيون. نئين ترميمن سان خاص ڪري پهريون ڀيرو گهر ٺاهيندڙن لاءِ قرض حاصل ڪندڙ ماڻهن کي اهم رليف ملندو ۽ وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام مان فائدو کڻڻ جو عمل وڌيڪ آسان ٿيندو.