پيرس- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ شروع ٿيل احتجاج دوران صدر ايمانوئل ميڪرون عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي تاريخ جا بدترين هنگاما ٿيا جن دوران هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، مظاهرن دوران دڪانن تان ڦر لٽ ڪئي وئي جڏهن ته ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو. احتجاج جو اهو سلسلو مهانگائي ۽ عوام کي ملندڙ سروسز ۾ گهٽتائي …
فرانس ۾ احتجاج جاري، صدر پاران مظاهرو ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي اپيل

مزید خبریں
پيرس- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ شروع ٿيل احتجاج دوران صدر ايمانوئل ميڪرون عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي تاريخ جا بدترين هنگاما ٿيا جن دوران هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، مظاهرن دوران دڪانن تان ڦر لٽ ڪئي وئي جڏهن ته ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو. احتجاج جو اهو سلسلو مهانگائي ۽ عوام کي ملندڙ سروسز ۾ گهٽتائي خلاف شروع ٿيو آهي. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون قوم کي خطاب ۾ چيو ته اهي منظر ڏسي اسان سوچي رهيا آهيون ته انهن جي ذهنن ۾ ڇا هلي رهيو آهي، فرانس جا شهري پنهنجي ملڪ سان ايئن ڪيئن ڪري سگهن ٿا. سندس مطابق انهن واقعن جو ڪو جواز ناهي، نه ئي انهن کي درست قرار ڏئي سگهجي ٿو، اڄ اسان سڀ شرمندگي ۽ ڪاوڙ محسوس ڪري رهيا آهيون. صدر ميڪرون جو اهو به چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪندڙن جا مطالبا جائز آهن ۽ انهن جي ڀيٽ انهن ماڻهن سان نه ڪرڻ گهرجي جيڪي ڀنڃ ڊاهه ۽ بدامني ڦهلائي رهيا آهن. ساڄي ڌر جي اڪثر سياستدانن پاران ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي مطالبن باوجود فرانس جي صدر ان جو اعلان ناهي ڪيو. پر هن چيو ته حڪومت ضرورت پوڻ تي اختيارين کي مظاهرن تي پابندي لڳائڻ جو اختيار ڏيندي ته جيئن سرڪاري عمارتن ۽ مقامي ڪاروبار کي محفوظ رکي سگهجي.











