پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڏينهن جي شروعات تي تيزي، 100 انڊيڪس 104.78 پوائنٽس سان وڌي هڪ لک 66 هزار 524 پوائنٽس تي پهچي ويو

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 104.78 پوائنٽس سان وڌي هڪ لک 66 هزار 524.24 پوائنتس تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئر جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن مان 231 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو، 226 ۾ گهٽتائي ۽ 115 جي قيمتن ۾ …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 104.78 پوائنٽس سان وڌي هڪ لک 66 هزار 524.24 پوائنتس تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئر جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن مان 231 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو، 226 ۾ گهٽتائي ۽ 115 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 12 ڪروڙ 91 لک 50 هزار شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن جي ماليت 7.30 ارب روپيا رهي. پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 2 ڪروڙ 37 لک 80 هزار، سنر جي ڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 2 ڪروڙ 12 لک 70 هزار ۽ سيپ پاور لميٽيڊ جي 56 لک 30 هزار شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. يوني ڪيپ مضاربه، سنڌ مضاربه ۽ ڪريسنٽ فائبرز لميٽيڊ جا شيئرز قيمتن ۾ اضافي جي لحاظ کان سرفهرست ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں