اسرائيل آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، بهتر آهي محتاط رهي: ايران

تهران- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي پر بهتر آهي ته هو محتاط رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چئي. عباس عراقچي جو اهو بيان صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي تازن بيانن جي ردعمل تي سامهون آيو آهي جن ۾ ٻنهي هڪ ٻئي جي حمايت …

تهران- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي پر بهتر آهي ته هو محتاط رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چئي. عباس عراقچي جو اهو بيان صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي تازن بيانن جي ردعمل تي سامهون آيو آهي جن ۾ ٻنهي هڪ ٻئي جي حمايت ڪندي چيو هو ته ايران جي رويي ۾ تبديلي نه آئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي معاملو ختم ڪري ڇڏيندا. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته آخري ڀيرو جڏهن توهان معاملو هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ايران پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀريو هو، ڇا توهان ٻيهر پنهنجي قسمت آزمائڻ چاهيو ٿا؟ ضرور آزمايو پر محتاط رهو، اسان جا به ڪجهه نامڪمل ڪم باقي آهن.

مزید خبریں