اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي ساليني اجلاس 2026ع جي موقعي تي ابوظهبي ڪمرشل بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، مالياتي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير …
ناڻي واري وزير جي ابوظهبي ڪمرشل بينڪ جي وفد سان ملاقات
اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي ساليني اجلاس 2026ع جي موقعي تي ابوظهبي ڪمرشل بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، مالياتي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام تحت اڳڀرائي، مالياتي استحڪام، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاڳر ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪار مارڪيٽن ذريعي مالي وسيلن کي حاصل ڪرڻ ۽ قرضن جي انتظام بابت معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جن جو مقصد مهانگن گهٽ مدي وارن قرضن جي جاءِ بهتر مالياتي ذريعا اختيار ڪرڻ، قرضن جي ادائيگي جو مدو وڌائڻ ۽ ادائيگين جي بار کي مختلف دورن ۾ متوازن بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزير بينڪ طرفان ڪيترن مالياتي معاملن ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي، جن ۾ پاڪستان لاءِ ڪريڊٽ حدن جي بحالي، عالمي اسلامڪ ٽريڊ فنانس ڪارپوريشن جي مالي معاونت ۾ شرڪت، ملٽي ليٽرل انويسٽمنٽ گارنٽي ايجنسي جي ضمانت سان مالي معاونت ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي معاونت سان متنوع ادائيگي حقن تي ٻڌل مالياتي ڏيتي ليتي شامل آهن. ناڻي واري وزير ريفائنرين جي اپگريڊيشن، نجڪاري، هوائي اڏن جي انتظام کي آئوٽ سورس ڪرڻ، بجلي جي ترسيل ۽ ايل ايل ون ريلوي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي به اجاڳر ڪيو. ٻنهي طرفان ڊيٽا سينٽرز لاءِ مالي معاونت ۽ ڊجيٽل ماليات جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته بجلي جي مسابقتي قيمتن ۽ اثرائتي ضابطي جاتي نظام جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ علائقائي تڪرارن جي معاشي اثرن، توانائي جي تحفظ ۽ هدفي رليف جي قدمن جو به جائزو ورتو ويو. انهن معاملن تي ايندڙ رابطا ڪاري ناڻي واري وزارت جي ڊيبٽ مئنيجمنٽ آفيس ذريعي ڪئي ويندي.












