اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر سماجي تحفظ، باعزت روزگار ۽ بنيادي سهولتن تائين منصفاڻي پهچ جي ذريعي ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشي مشڪلاتن ۾ ورتل خاندانن جو تحفظ ۽ هر شهري کي بنيادي ضرورتن ۽ بهتر زندگي جي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، غربت جي خاتمي جي لاءِ …
غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر سماجي تحفظ، باعزت روزگار ۽ بنيادي سهولتن تائين منصفاڻي پهچ جي ذريعي ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري جو غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر سماجي تحفظ، باعزت روزگار ۽ بنيادي سهولتن تائين منصفاڻي پهچ جي ذريعي ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشي مشڪلاتن ۾ ورتل خاندانن جو تحفظ ۽ هر شهري کي بنيادي ضرورتن ۽ بهتر زندگي جي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، غربت جي خاتمي جي لاءِ سماجي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ تعليم، صحت ۽ مناسب رهائش تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي لاءِ مسلسل قدم لازمي آهن، هر خاندان کي پنهنجون حالتون بهتر بڻائڻ ۽ وڌيڪ محفوظ مستقبل جي تعمير جي لاءِ حقيقي موقعا ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جيڪو هر سال 17 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن تحت ڪمزور طبقن، خاص طور تي عورتن کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، ان پروگرام معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو آهي ۽ انهن کي بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي، غربت ۾ ڊگهي مدي واري گهٽتائي جي لاءِ اهڙن قدمن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ خاندانن کي پنهنجي روزگار جا ذريعا بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائڻ پڻ اهم آهي. هن چيو ته گڏيل قومن پاران هن سال جو موضوع “سڀني جي لاءِ محفوظ گهر” پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکي ٿو. صدر چيو ته 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري بي شمار خاندان پنهنجي گهرن، روزگار ۽ ان اثاثي کان محروم ٿي ويا جيڪو انهن نسلن جي محنت سان گڏ ڪيو هو. هن چيو ته هو خاندانن جي مشڪلاتن کي وساري نه ٿو سگهي خاص طور تي بزرگن، عورتن ۽ ٻارن جي تڪليفن کي، جيڪي اوچتو ڇت کان محروم ٿي ويا هئا. صدر سنڌ حڪومت جي ڪوششن تي خصوصي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) پروگرام شروع ڪيو جنهن تحت ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي لاءِ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، ان پروگرام تحت لکين گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته سڄي صوبي ۾ نئين سر تعمير جو عمل جاري آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر جهڙن علائقن ۾ ترقي جو جائزو ان بنياد تي وٺڻ گهرجي ته ان سان مقامي آباديءَ جي زندگين ۾ ڪهڙي بهتري اچي ٿي، پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم، صحت جي سهولتن ۽ روزگار جي قابل اعتماد موقعن تائين پهچ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ خاندانن جي لاءِ عملي طور تي نمايان فرق پيدا ڪري سگهي ٿي، ترقي جا ثمر زندگي جي بهتر حالتن جي صورت ۾ سامهون اچڻ گهرجن ۽ ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندانن جا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران متعارف ڪرايل زرعي سڌارا ۽ مزدورن بابت قدم معاشي اڻبرابري ۾ گهٽتائي ۽ پورهيتن جي حيثيت بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا، اها تاريخ اسان کي ان اهميت جي به ياد ڏياري ٿي ته معاشي ترقي جا ثمر عام شهرين تائين پهچڻ يقيني بڻايا وڃن. هن چيو ته گهريلو خرچ پورا ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ خاندانن جي لاءِ ٻارن جي تعليم جاري رکڻ، ضروري طبي سهولتون حاصل ڪرڻ ۽ مناسب رهائش جو بندوبست ڪرڻ فيصلائتي اهميت رکي ٿو. غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ روزاني جي زندگي جي انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي ضرورتمند ماڻهن کي عملي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڏينهن جي موقعي تي غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر سماجي تحفظ، باعزت روزگار ۽ بنيادي سهولتن تائين منصفاڻي پهچ جي ذريعي ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته هر خاندان کي پنهنجون حالتون بهتر بڻائڻ ۽ وڌيڪ محفوظ مستقبل جي تعمير جي لاءِ حقيقي موقعا ميسر هجڻ گهرجن. صدر چيو ته سندس خواب هڪ اهڙي پاڪستان جو آهي جتي ڪو ٻار بُکيو نه سمهي، ڪا ماءُ پنهنجي خاندان جي مستقبل جي حوالي سان خوفزده نه هجي، ڪو بزرگ مشڪلاتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ ڪنهن نوجوان کي بهتر زندگي جي تعمير جي موقعن کان محروم نه ڪيو وڃي.











