اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي شهر استنبول ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ گهرن ۽ ملڪيتن کي وڏي پئماني تي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ فوت ٿيندڙن جي …
صدر آصف علي زرداري پاران استنبول ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي زيان ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي شهر استنبول ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ گهرن ۽ ملڪيتن کي وڏي پئماني تي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ متاثر ماڻهن جي لاءِ همت ۽ حوصلي جي دعا ڪئي.











