زيورخ-16 آڪٽوبر(اي پي پي)فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو ورلڊ ڪپ جي واپاري حقن کي خانگي فرم کي وڪرو ڪرڻ بابت پنهنجي ڳجهن منصوبن ؛فيفا فارورڊ انٽر پرائيز؛ تي فيفا ڪائونسل کان معافي ورتي آهي جڏهن ته ان کي سمورا دستاويز جاري ڪرڻ ۽ اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جي سخت هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زيورخ ۾ ٿيل ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ انگلش …
فيفا جي صدر جياني انفينٽينو فيفا ڪائونسل کان معافي گهري ورتي، قيادت لاءِ اهليت تي سوال برقرار

مزید خبریں
زيورخ-16 آڪٽوبر(اي پي پي)فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو ورلڊ ڪپ جي واپاري حقن کي خانگي فرم کي وڪرو ڪرڻ بابت پنهنجي ڳجهن منصوبن ؛فيفا فارورڊ انٽر پرائيز؛ تي فيفا ڪائونسل کان معافي ورتي آهي جڏهن ته ان کي سمورا دستاويز جاري ڪرڻ ۽ اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جي سخت هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زيورخ ۾ ٿيل ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ انگلش فٽ بال ايسوسي ايشن جي چيئر پرسن ۽ فيفا جي نائب صدر ڊيبي هيوٽ چيو ته جياني انفينٽينو پاران هيستائين سمورا گهربل دستاويز ۽ سوالن جا تسلي بخش جواب فراهم ناهن ڪيا ويا. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن صدر سموري معلومات ۽ وضاحتون فراهم نٿو ڪري ته هو ان عهدي جو اهل نه رهندو. يورپي فٽبال باڊي يوئيفا به ان منصوبي تي سخت خدشن جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ ان به سمورن دستاويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني ڪاروائي جي به تياري ڪئي آهي. ڊيبي هيوٽ وڌيڪ چيو ته دستاويز سامهون اچڻ کان پوءِ اهو طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي ته منصوبي ۾ ڇا ٿيو ۽ ڇا ان معاملي ۾ قانوني ڪارروائي جي ضرورت آهي يا نه. سندس چوڻ هو ته جياني انفينٽينو جي معذرت باوجود سندس موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. يورپي فٽ بال جي نگران تنظيم يوئيفا به جياني انفينٽينو جي سخت تنقيد ڪندي رهي آهي کانئس عهدو ڇڏڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. تڪرار سبب فيفا جي قيادت مالي شفافيت ۽ ميمبر تنظيمن جي سامهون جواب دهي جي معاملن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي فٽ بال جي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.











