شنگهائي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمني جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ اليگزينڊرزويروف پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي شنگهائي ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. اي ايس پي اين موجب 29 سالن جو جرمن ٽينس اسٽار اليگزينڊر زويروف مينز سنگلز جي مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آسٽريليا جي مخالف رانديگر ايلڪس ڊي مينور کي …
ٽاپ سيڊڊ اليگزينڊر زويروف شنگهائي ماسٽرز ٽينس مينز سنگلز جي سيمي فائنل ۾ داخل

مزید خبریں
شنگهائي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمني جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ اليگزينڊرزويروف پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي شنگهائي ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. اي ايس پي اين موجب 29 سالن جو جرمن ٽينس اسٽار اليگزينڊر زويروف مينز سنگلز جي مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آسٽريليا جي مخالف رانديگر ايلڪس ڊي مينور کي هارائي شنگهائي ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽس جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. چين جي شهر شنگهائي ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ کيڏيل مينز سنگلز مقابلن جي ٽاپ 16 رائونڊ ميچ ۾ 29 سالن جي جرمن ٽينس اسٽار اليگزينڊرزويروف بهترين راند پيش ڪندي 27 سالن جي آسٽريلوي مخالف رانديگر ايلڪس ڊي مينور کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.











