پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي دل ڏکوئيندڙ ۽ …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته منهنجي دل افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارن ۽ استاد جي سوڳوار خاندانن سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جي خاندانن جي لاءِ صبر ۽ همت جي دعا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته مون خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان فوري رابطو ڪيو ۽ کانئس واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن ۽ ٻين ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته مون واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ذميوارن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں