اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جو گهرو وزير ولاديمير ڪولاڪولتسيف پاڪستان جو چئن ڏينهن جو اهم دورو مڪمل ڪري ماسڪو روانو ٿي ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روسي هم منصب کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. ان موقعي تي چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. روسي گهرو وزير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي …
روسي گهرو وزير جو پاڪستان جو 4 ڏينهن جو دورو مڪمل، ماسڪو روانو
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جو گهرو وزير ولاديمير ڪولاڪولتسيف پاڪستان جو چئن ڏينهن جو اهم دورو مڪمل ڪري ماسڪو روانو ٿي ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روسي هم منصب کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. ان موقعي تي چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. روسي گهرو وزير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خصوصي دعوت تي پاڪستان آيو هو. پنهنجي 4 ڏينهن جي دوري دوران هن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سميت ٻي اعلى قيادت سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. دوري دوران پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ منظم ڏوهن جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون جي فروغ جي معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. رواني ٿيڻ وقت روسي گهرو وزير پاڪستان ۾ شاندار مهمان نوازي تي پنهنجي هم منصب جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو پاڪستان مان خلوص ۽ محبت کڻي واپس وڃي رهيو آهي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته روسي هم منصب جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ انتهائي اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.












