جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌ جي لائيوسٽاڪ شعبي ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ڪئي پئي وڃي: صوبائي وزير وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌ جي لائيوسٽاڪ شعبي ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن سان مالوند ماڻهو اعليٰ نسل جا جانور پيدا ڪري کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ سان گڏ معاشي فائدا حاصل ڪري سگهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن فن گرو پرائيويٽ لميٽيڊ پاران سنڌ …

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌ جي لائيوسٽاڪ شعبي ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن سان مالوند ماڻهو اعليٰ نسل جا جانور پيدا ڪري کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ سان گڏ معاشي فائدا حاصل ڪري سگهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن فن گرو پرائيويٽ لميٽيڊ پاران سنڌ ۾ جانورن جو نسل سڌارڻ لاءِ ايمبريو ٽرانسفر ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جديد لائيوسٽاڪ بريڊنگ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي دنيا جي بهترين نسلن جا جينياتي وسيلا سنڌ جي جانورن لاءِ دستياب بڻائڻ سان نسل سڌارڻ جي عمل ۾ تيزي ايندي. هن چيو ته جنهن ترقيءَ لاءِ اڳ ۾ ڏهاڪا گهربل هئا، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اها گهٽ وقت ۾ ممڪن بڻجي رهي آهي.محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ ۾ جانورن جي پالنا ۽ نسل سڌارڻ جي شعبي ۾ واڌ ويجهه لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي جو گڏيل سهڪار اهم آهي. هن ڪراچي جي واپارين ۽ جانورن جي ڪاروبار ۾ دلچسپي رکندڙ ٻين ڌرين کي دعوت ڏني ته اهي اڳتي اچي هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ جديد نسلن جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.هن چيو ته اڳ ۾ قربانيءَ جا جانور گهڻو ڪري ڳوٺاڻا مالوند تيار ڪندا هئا، پر هاڻي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فارم هائوسز ذريعي شهري علائقن ۾ به اعليٰ معيار جا جانور تيار ڪرڻ جا موقعا وڌي رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ سان تيار ڪيل بهتر نسلن جا جانور عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مارڪيٽ ۾ دستياب ٿيندا، جنهن سان گوشت جي معيار ۾ بهتري ۽ جانورن جي قيمتن ۾ مناسب گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.صوبائي وزير فن گرو پرائيويٽ لميٽيڊ جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪمپنيءَ جي سهڪار سان سنڌ ۾ جانورن جي نسل سڌارڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ هڪ اهم قدم آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سڌيءَ طرح سنڌ جي مالوند ماڻهن تائين پهچندا.تقريب کي لائيوسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو ۽ فن گرو پرائيويٽ لميٽيڊ جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. هنن پروگرام جي فني پهلوئن ۽ مالوندن لاءِ ان جي امڪاني فائدن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.تقريب ۾ فن گرو پرائيويٽ لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يوسف، جنرل مئنيجر عامر، برگيڊيئر ارشد توفيق، شمريز، ڊائريڪٽر جنرل لائيوسٽاڪ ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو، ڊائريڪٽر جنرل لائيوسٽاڪ ايڪسٽينشن اينڊ ريسرچ ڊاڪٽر نعيم صديق انصاري، ڊائريڪٽر فارمز ڊاڪٽر جاويد ديو، ڊائريڪٽر اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر اقتدار ميمڻ، لائيوسٽاڪ بريڊنگ اٿارٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر علي عباسي، ڪراچي جي فارم سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر غلام حيدر خاصخيلي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں