سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم ٻارن سميت ڪيترن ئي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي -15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم ٻارن سميت ڪيترن ئي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڏکويل آهي، جڏهن ته معصوم ٻارن جون المناڪ فوتگيون پوري قوم لاءِ وڏو صدمو آهن. شرجيل انعام ميمڻ متاثر خاندانن …

ڪراچي -15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم ٻارن سميت ڪيترن ئي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڏکويل آهي، جڏهن ته معصوم ٻارن جون المناڪ فوتگيون پوري قوم لاءِ وڏو صدمو آهن. شرجيل انعام ميمڻ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت خيبر پختونخواهه جي عوام ۽ متاثر خاندانن سان گڏ آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪندي لاڳاپيل اختيارين تي زور ڀريو ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مزید خبریں