پشاور-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ نجي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن ملبي هيٺيان دٻيل ٻارن ۽ اسڪول جي عملي کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم موجب دير ڪالوني ۾ اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ هن وقت تائين 22 ڄڻن جا لاش 20 زخمين …
پشاور ۾ نجي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب 22 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، ريسڪيو آپريشن جاري، ڊپٽي ڪمشنر پشاور انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي

مزید خبریں
پشاور-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ نجي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن ملبي هيٺيان دٻيل ٻارن ۽ اسڪول جي عملي کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم موجب دير ڪالوني ۾ اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ هن وقت تائين 22 ڄڻن جا لاش 20 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ هڪ عورت ٽيچر به شامل آهي. اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جتي زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ريسڪيو عملدارن موجب اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيترائي ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا، امدادي ٽيمون وڏو ملبو هٽائڻ ۽ امڪاني طور تي وڌيڪ ٻارن ۽ عملي جي ڳولا ۾ مصروف آهن. ٻئي طرف سي سي پي او پشاور ميان سعيد موجب واقعي ۾ زخمي ٿيلن جو انگ 40 کان وڌي ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر پشاور واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي اسڪول جي عمارت جي ڇت ڪرڻ جي سببن جو تعين ڪندي. واقعي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا ۽ زخمين کي طبي امداد جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.











