حيدرآباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز پاران ”اسپائر 26“ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز انتهائي متحرڪ آھي. لڳ ڀڳ ڇهه سال اڳ سول انجنيئرنگ شعبي جي شاگردن لاءِ ھڪ سوسائٽي قائم ڪئي وئي، جنھن …
مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز پاران ”اسپائر 26“ جي تقريب منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز پاران ”اسپائر 26“ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز انتهائي متحرڪ آھي. لڳ ڀڳ ڇهه سال اڳ سول انجنيئرنگ شعبي جي شاگردن لاءِ ھڪ سوسائٽي قائم ڪئي وئي، جنھن جي بنياد تي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز جو قيام عمل ۾ آيو. هن چيو ته شاگردن جي ھن سوسائٽيءَ ۾ چونڊون ٿينديون آھن ۽ ھر شاگرد جي خواھش ھوندي آھي ته ھو صدر يا جنرل سيڪريٽري بڻجي. تاريخ رقم ڪرڻ ڏکيو ڪم آھي، پر مھراڻ يونيورسٽي ۾ نظام بھتر ۽ مضبوط آھي. وائيس چانسلر چيو ته پڙھائي ۽ تدريسي سرگرميون يونيورسٽي جي معمول جو حصو آھن، پر جڏھن نوجوان ڪنھن سوسائٽي يا فورم جو حصو بڻجن ٿا ته مختلف خيالن، ثقافتن، ٻولين ۽ پسمنظرن سان تعلق رکندڙ شاگرد گڏجي ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ سکن ٿا. ھن چيو ته اھڙي تربيت زندگيءَ جي ھر مرحلي تي ڪم ايندي آھي. پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز جي شاگردن کي مبارڪباد پڻ ڏني. ”اسپائر 26“ جي تقريب کي مھراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، سول انجنيئرنگ شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نفيس احمد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرز جي عھديدارن ۾ شيلڊون ۽ تحفا ورھايا.










