وزيراعظم پاران پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ۽ ذميوارن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ۽ ذميوارن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي گورنر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪِرڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي لاءِ تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي. خيبرپختونخواهه جي گورنر وزيراعظم کي واقعي جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اسڪول جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وزيراعظم واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ۽ ذميوارن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں