سيڪيورٽي فورسز پاران دشت ۽ تربت ۾ انساني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 104 پرڏيهي گرفتار

راولپنڊي-15 آڪٽوبر(اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقن  دشت ۽ تربت ۾ انساني اسمگلنگرز جي نيٽ ورڪ خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران غير قانوني رستن ذريعي ايران ۽ يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 104 پرڏيهين (افغانين) کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن واضع ڪيو آهي ته سرحد تي انساني اسگملنگ جي روڪ ٿام …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر(اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقن  دشت ۽ تربت ۾ انساني اسمگلنگرز جي نيٽ ورڪ خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران غير قانوني رستن ذريعي ايران ۽ يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 104 پرڏيهين (افغانين) کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن واضع ڪيو آهي ته سرحد تي انساني اسگملنگ جي روڪ ٿام ۽ غير قانوني چرپر خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون.

مزید خبریں