پيپيلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پشاور ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب شاگردن ۽ استادن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان پيپيلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ هڪ  خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب شاگردن ۽ استاد جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ٿيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پشاور جي هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري واقعي دوران قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان پيپيلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ هڪ  خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب شاگردن ۽ استاد جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ٿيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پشاور جي هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري واقعي دوران قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. هن چيو ته شاگردن جي والدين جي غم جي شدت جو احساس آهي. اسان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امدادي سرگرميون تيز ڪيون وڃن ۽ ملبي هيٺان دٻيل شاگردن کي فوري طور تي ڪڍيو وڃي. هن چيو ته ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ آندل سمورن زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مزید خبریں