اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور ۾ اسڪُول جي افسوسناڪ حادثي ۾ ٻارن ۽ استادن جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي علاج جُون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب …
صدر پاران پشاور ۾ اسڪُول جي افسوسناڪ حادثي ۾ ٻارن ۽ استادن جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور ۾ اسڪُول جي افسوسناڪ حادثي ۾ ٻارن ۽ استادن جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي علاج جُون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته هن دل ڏاريندڙ حادثي پوري قوم کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڏک جي هن گهڙي ۾ پوري قوم متاثر خاندانن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر فوت ٿيندڙ جي گهرڀاتين ۽ سوگوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي هي ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي. صدر حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. صدر لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي علاج جُون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر حادثي جي سببن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ جامع جاچ ۽ مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ تعليمي ادارن جي عمارتن جي حفاظتي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پُڻ زور ڏنو.











