وزيراعظم پاران بلوچستان جي ضلع واشڪ ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جي واکاڻ

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلع واشڪ ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته عزم ۽ استحڪام جي وزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيُون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن ۾ 5 ڀارتي …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلع واشڪ ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته عزم ۽ استحڪام جي وزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيُون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن ۾ 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته عزم ۽ استحڪام جي وزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيُون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.