نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي معاملن جي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي معاملن جي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڀني مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. ٻنهي اڳواڻن ڳالهين جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽائي جي لاءِ ڪوششن جي مسلسل حمايت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.