ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير ۽ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي گورننگ باڊي جي چيئرمين سعيد غني مزدورن جي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سيسي جي 177هين گورننگ باڊي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. …
صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ سيسي جي 177هين گورننگ باڊي جو اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير ۽ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي گورننگ باڊي جي چيئرمين سعيد غني مزدورن جي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سيسي جي 177هين گورننگ باڊي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڇ آءِ وي کان متاثر ٻارن جي خاندانن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار ۽ وڌ ۾ وڌ 80 هزار رپين تائين مالي امداد جاري رکڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ان مقصد لاءِ قائم اينڊومينٽ فنڊ جي نگرانيءَ لاءِ بورڊ جلد جوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بورڊ جي چيئرمين طور مشتاق ڇاپرا يا ڪنهن ٻئي معتبر شخصيت کي نامزد ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي. بورڊ ۾ سيڪريٽري محنت سنڌ، سيسي جي ڪمشنر، ميڊيڪل ايڊوائيزر، ڊائريڪٽر اڪائونٽس، نامور ڊاڪٽرن ۽ گورننگ باڊي جي ٻن ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ منظور ڪئي وئي. بورڊ کي فنڊ جا ضابطا، ٽي او آرز ۽ پاليسي تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري محنت سنڌ ساجد جمال ابڙو، سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو، گورننگ باڊي جي ميمبرن محمد جاويد بلواڻي، خليل احمد بلوچ، محمد خان ابڙو ۽ عبدالواحد شورو سميت ميڊيڪل ايڊوائيزر، ڊائريڪٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 176هين گورننگ باڊي جي اجلاس جي ڪارروائيءَ جي ڪجهه ترميمن کانپوءِ منظوري ڏني وئي. سيسي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس ۾ واڌ کانپوءِ ڪنٽريبيوشن ۽ ٻين فائدن جي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سعيد غني پينشن پاليسي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن قانوني گهرجن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ واضح طريقيڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانوني ماهرن سان مشاورت کانپوءِ تجويزون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ايجوڪيشن فيس جي وصولي سيسي کان ختم ڪرڻ واري تجويز رد ڪئي وئي. ان معاملي تي ورڪرز ويلفيئر بورڊ سان مشاورت ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سيسي ۾ خالي جاين تي ڀرتين جو معاملو ري آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سيسي سروس رولز 2026ع (ايڊمنسٽريشن ۽ ميڊيڪل ڪيڊرز) لاڳاپيل ڪميٽيءَ ڏانهن موڪليا ويا. اجلاس ۾ ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۽ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن (پرائيويٽ) لميٽيڊ وچ ۾ معاهدي جي شرطن جو جائزو وٺڻ لاءِ معاملو لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. مزدورن جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جي بلن جي ادائيگيءَ بابت ڪيسن جو جائزو وٺڻ لاءِ سيسي جي ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ڪميٽيءَ ۾ ملازمن جي نمائندي طور خليل احمد بلوچ ۽ مزدورن جي نمائندي طور عبدالواحد شورو شامل هوندا. ڪميٽي هر ڪيس جو الڳ الڳ جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪندي ۽ ادائيگين بابت فيصلو ڪندي.گورننگ باڊي صوبي ۾ سيسي جي انتظام هيٺ ترقياتي ڪمن، سارسنڀال ۽ بحاليءَ جي منصوبن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي مقرريءَ جو عمل شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ فوت ٿي ويل ملازمن جي سَن ڪوٽا بابت 30 ڪيس ري آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ حوالي ڪرڻ ۽ جاويد احمد کي سيسي جو آءِ ٽي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايجنڊا جا ڪجهه ٻيا معاملا ورڪنگ پيپرز مڪمل نه هجڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري ملتوي ڪيا ويا.










