پاڪستان چيني سيڙپڪارن لاءِ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لي ڪوئنگ ۽ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر غلام صمد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لي ڪوئنگ ۽ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر غلام صمد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ جا سينئر آفيسر، ايڊيشنل سيڪريٽري ذوالفقار علي ۽ ڊائريڪٽر جنرل محمود طفيل پڻ موجود هئا. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ اداري جاتي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر لي ڪوئنگ جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير گذريل سال چين جي شهر ارومچي ۾ منعقد ڪاريڪ جي هڪ پروگرام ۾ پنهنجي شرڪت جو ذڪر ڪندي چيني ناڻي واري وزير سان ملاقات جي انتظامن ۾ ڪاريڪ جي قيادت جي مدد تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن ان نوعيت جي رابطن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل اقتصادي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چيني قيادت ۽ لاڳاپيل ادارن سان وڌيڪ رابطا وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر لي ڪوئنگ ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن وچ ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولهڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن سيڙپڪاري جي موقعن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي تعاون بابت ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. هن پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اهڙا پروگرام ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ته جيئن پاليسي سازن، محققن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪري سگهجي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ تجويز جي آجيان ڪئي ۽ اهڙا قدم منعقد ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت طرفان مڪمل تعاون ۽ سهولت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اداري جاتي رابطن ۾ اضافي ۽ سيڙپڪارن سان سڌي ريت رابطي سان پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ، سيڙپڪاري لاءِ مناسب شعبن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي مقدار ۾ واڌ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ پُرڪشش ملڪ آهي، جتي وسيع صارفين جي مارڪيٽ، افرادي قوت ۽ مختلف شعبن ۾ اهم سيڙپڪاري جا نمايان موقعا موجود آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، جيڪو صنعت، ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ترقي جي شعبن ۾ وسيع سيڙپڪاري جا وسيع امڪان فراهم ڪري ٿو. عالمي سيڙپڪارن سان پنهنجي تازين مصروفيتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته هن اٽڪل ٽي هفتا اڳ آمريڪا جي دوري تي ويو هو، جتي هن ڪيترن ئي سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستاني مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ وڌندڙ دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جي مارڪيٽ ڪجهه شعبن ۾ پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ اڃا تائين مڪمل طور تي ترقي يافته نه آهي پر اها ئي صورتحال ترقي، ڪاروباري سگهه ۽ نئين سيڙپڪاري لاءِ وسيع امڪان پيدا ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مناسب ڀائيوارين، سازگار ڪاروباري ماحول ۽ موثر حڪومتي سهولتن ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير پاڪستان کي سيڙپڪاري جي هڪ اهم منزل طور اجاگر ڪرڻ لاءِ آئنده عالمي ۽ علائقائي سرگرمين جي اهميت تي به روشني وڌي. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ايندڙ سال شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي شرڪت جي اميد آهي. ان موقعي تي لاڳاپيل سرگرمين سان گڏ هڪ ڪاروباري فورم پڻ منعقد ڪرڻ جو منصوبو آهي جيڪو ڪاروباري اڳواڻن، سيڙپڪارن ۽ پاليسي سازن کي ڀائيوارين ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارمز فراهم ڪندو. وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ مهيني پاڪستان ٽيڪ فورم منعقد ڪرڻ جي به رٿابندي ڪئي پئي وڃي جيڪو ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سيڙپڪاري، جدت ۽ ڪاروباري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي ترجيحن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته انهن قدمن سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۾ سهولتڪاري ۽ ضابطاجاتي سڌارا پاڪستان جي اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جا اهم موقعا فراهم ڪن ٿا. قيصر احمد شيخ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي بهتر رابطاڪاري، آسان طريقيڪار ۽ عمل جوڳي سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن وچ ۾ مستقبل جي رابطن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں