قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي ٻج جي قيمتن ۽ بين الصوبائي پهچ بابت اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي ٻج جي قيمتن ۽ بين الصوبائي پهچ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نجي ٻج ڪمپنين ۽ نيشنل سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي (اين ايس ڊي آر اي) جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪڻڪ جي …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي ٻج جي قيمتن ۽ بين الصوبائي پهچ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نجي ٻج ڪمپنين ۽ نيشنل سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي (اين ايس ڊي آر اي) جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪڻڪ جي ٻج جون قيمتون هارين جي خريداري جي طاقت مطابق هجڻ گهرجن. هن نجي ٻج جي ڪمپنين تي زور ڀريو ته اهي ڪڻڪ جي ٻج جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻين ته جيئن خاص ڪري ننڍن آبادگارن کي مناسب قيمتن تي معياري ٻج جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪڻڪ جي وقت سر پوک لاءِ ٻج جي مناسب قيمتن تي دستيابي سان گڏ ان جي بنا رنڊڪ پهچ پڻ انتهائي اهميت رکي ٿي. هن اين ايس ڊي آر اي کي هدايت ڪئي ته صوبن وچ ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي چرپر کي هموار بڻايو وڃي ۽ پهچ جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. راڻا تنوير حسين چيو ته صوبائي عملدار ۽ ٻج ڪمپنين وچ ۾ بين الصوبائي ۽ ٻج ڪمپنين وچ ۾ بهتر رابطاڪاري ذريعي بين الصوبائي پهچ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته هارين کي ٻج جا مختلف قسم، تصديق، وزن ۽ قيمت بابت واضح ۽ تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي ضرورتن موجب بهتر چونڊ ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته مناسب قيمت سان گڏ ٻج جو معيار به آبادگارن لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪڻڪ جي وقت سر پوکيءَ لاءِ ٻج جي دستيابي ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏني ويندي.

مزید خبریں