بلوچستان جي گهرو وزير پاران هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر، جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون

ڪوئيٽا- 14 آڪٽوبر(اي پي پي)بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياالله لانگو، هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم، هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي ۽ سائنسي ۽ فني مهارتن جو مظهر آهي. پنهنجي بيان ۾ صوبائي گهرو وزير چيو ته ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج، سائنسدانن …

ڪوئيٽا- 14 آڪٽوبر(اي پي پي)بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياالله لانگو، هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم، هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي ۽ سائنسي ۽ فني مهارتن جو مظهر آهي. پنهنجي بيان ۾ صوبائي گهرو وزير چيو ته ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. فتح 2- اي آر جو ڪامياب تجربو دفاعي شعبي ۾ اڳڀرائي ۽ قومي خود انحصاري جي حصول طرف هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ سائنسي ماهرن جون پيشيواراڻيون مهارتون فخر جوڳيو آهن.

مزید خبریں