خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي آئيني اختيار استعمال ڪيا، گورنر راڄ آخري آپشن هو: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي بگڙجندڙ صورتحال، سيڪيورٽي ادارن جون رپورٽون ۽ صوبائي حڪومت پاران موثر قدم نه کڻڻ جي تناظر ۾ آئين تحت دستياب اختيارن جي استعمال جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو حڪومت لاءِ آخري آپشن هو، وفاقي حڪومت سمورن لاڳاپيل شاهدين، سيڪيورٽي رپورٽن ۽ قانوني پهلوئن جو …

اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي بگڙجندڙ صورتحال، سيڪيورٽي ادارن جون رپورٽون ۽ صوبائي حڪومت پاران موثر قدم نه کڻڻ جي تناظر ۾ آئين تحت دستياب اختيارن جي استعمال جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو حڪومت لاءِ آخري آپشن هو، وفاقي حڪومت سمورن لاڳاپيل شاهدين، سيڪيورٽي رپورٽن ۽ قانوني پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ ڪابينه ۾ اٽڪل اڍائي ڪلاڪ بحث کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو، صوبي ۾ امن امان جي بحالي ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ مقصد آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيبر پختونخوا  ۾ گورنر راڄ ۽ هنگامي حالتن جي لاڳو ڪرڻ بابت صورتحال تي بحث جي شروعات ڪندي وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪلز 232 ۽ 234 مخصوص حالتن م غير معمولي قدمن جي اجازت ڏني آهي، صوبي ۾ داخلي بدامني، سرحد پار کان مداخلت، دهشتگردي ۾ اضافي ۽ آئيني نظام جي موثر طور تي ڪم نه ڪرڻ بابت مليل رپورٽن تي ڪابينه ۾ غور ڪيو ويو جنهن کان پوءِ وزيراعظم کي صدر مملڪت کان آئيني طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ جو مشورو ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو گڏجي ڪم ڪرڻ مضبوط پاڪستان لاءِ اڻٽر آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن تي اهو ڌيان نه ڏنو ويو جنهن جي ضرورت هئي، خيبر پختونخوا جو گورنر به ڊگهي عرصي کان صوبي جي بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ هن صدر مملڪت ۽ وزيراعظم کي خطن ذريعي حالتن کان آگاهه به ڪيو هو. اعظم نذير تارڙ دهشتگردي جا انگ اکر پيش ڪندي چيو ته 2021ع کان 2024ع تائين خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي  جا 2911 واقعا رپورٽ ٿيا جڏهن ته 15 آڪٽوبر 2025ع کان 9 آڪٽوبر 2026ع تائين اٽڪل هڪ سال دوران اهو انگ وڌي 3787 کان به وڌي ويو. هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ دهشتگردي جي واقعن جو تعداد گذريل 3 سالن جي مجموعي واقعن  کان به وڌيڪ رهيو جڏهن ته شهادتن ۽ زخمين جي تعداد ۾ به اضافو ٿيو،  پاڪ فوج، پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين بي پناهه قربانيون ڏئي دهشتگردي جي وڏي لهر تي ضابطو آندو جڏهن ته دهشتگردي ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن واضح ڪيو ته اهي قدم ڪنهن خوشي مان ناهن کنيا ويا پر مفاهمت ۽ بهتري جي ڪوششن باوجود حالتن ۾ تبديلي نه اچڻ تي آخري رستي طور اختيار ڪيا ويا. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 232 تحت هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بابت اعلان کي 10 ڏينهن جي اندر توثيق لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ آئيني گهرجن ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته موجوده قدمن ذريعي جمهوري حڪومت کي غير آئيني طور هٽايو ويو ۽ ٻڌايو ته آئيني قلمن تحت کنيل قدمن ۽ ماضي ۾ انهن جي استعمال جي مثالن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي اهو فيصلو ڪيو ويو، ماضي ۾ به جمهوري دورن دوران انهن اختيارن کي استعمال ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل معاملا عدالتن ۾ بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير  چيو ته سيڪيورٽي صورتحال باوجود وفاقي گادي واري هنڌ تي چڙهائي ۽ ان کي فتح ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا جڏهن ته وفاقي حڪومت طاقت جي استعمال بدران ڳالهين ۽ سياسي مفاهمت کي ترجيح ڏني. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته هن صدر مملڪت  ۽ وزيراعظم جي خواهش جي احترام ۾ ڳالهين لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪيو ۽ ٽياڪڙي عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. هن ٻڌايو ته حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ گهرو وزير محسن نقوي، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناء الله ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام شرڪت ڪئي جڏهن ته پيپلز پارٽي به ڳالهين واري عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. صدر مملڪت جي هدايت تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سيد نويد قمر، شيري رحمان ۽ اعجاز جکراڻي کي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو، مخالف ڌر پاران بئريسٽر گوهر ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه ناصر عباس جي سربراهي ۾ وفدن ڳالهين ۾ حصو ورتو. ڳالهين دوران رات دير تائين مسودن تي ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ هڪ ٻئي پٺيان چار مسودا تيار ڪيا ويا جڏهن ته دهشتگردي خلاف موثر قدمن ۽ ٻين معاملن تي اختلاف برقرار رهيا. هن چيو ته سياسي مسئلن جو حل ڳالهين  ۽ مفاهمت ۾ آهي ۽ ماضي جي تجربن  مان سبق سکندي جمهوري عمل کي اڳيان وڌائڻ گهرجي. وفاقي وزير 2023ع ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي اسيمبلين جي ٽٽڻ  کان پوءِ چونڊن جي بندوبست بابت سياسي ڳالهين جو حوالو ڏيندي چيو ته ان وقت به حڪومتي اتحاد پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين ذريعي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان عمل دوران بجيٽ جي منظوري، ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ٻنهي ڌرين جي مشاورت سان عام چونڊن جي بندوبست لاءِ هڪ تجويز ڪيل شيڊيول تي اتفاق ٿيو هو، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ قيادت پاران طي ٿيل معاملن جي توثيق نه هئڻ سبب اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. هن چيو ته ان وقت به حڪومت پنهنجي سياست بدران رياستي مفادن کي ترجيح ڏني هئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته 9 مئي 2023ع جا واقعا جمهوري تاريخ  جو هڪ افسوسناڪ باب هو ۽ سياسي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ئي جمهوري نظام جو اصل روح آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن گرفتار يا سزا يافته شخص جي معاملي ۾ لاڳاپيل قانوني طريقيڪار اختيار ڪرڻ ضروري آهي، آزادي يا سزا خلاف رليف لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻ مناسب رستو آهي، آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر مملڪت کي رحم جي اپيل تي معافي ڏيڻ جو اختيار به حاصل آهي. هن چيو ته انتظاميه کان اهڙو مطالبو ڪرڻ مناسب ناهي جيڪو ان جي قانوني اختيار  ۾ نه هجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اتحاد، يڪجهتي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور حمايت جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي،  قومي سلامتي، عوام جي تحفظ ۽ رياستي مفادن کي هر حال ۾ ترجيح ڏيڻ گهرجي.

مزید خبریں