خيبر پختونخوا جي گورنر سان سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ جي وقتي ايم ڊي جي ملاقات

پشاور -14 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان سوئي ناردرن  گئس پائيپ لائينز لميٽڊ جي وقتي ايم ڊي فيصل اقبال ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ڊپٽي ايم ڊي سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ ثاقب ارباب  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وقتي ايم ڊي، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي صوبي ۾ جاري گئس ۽ انرجي سيڪيورٽي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ …

پشاور -14 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان سوئي ناردرن  گئس پائيپ لائينز لميٽڊ جي وقتي ايم ڊي فيصل اقبال ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ڊپٽي ايم ڊي سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ ثاقب ارباب  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وقتي ايم ڊي، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي صوبي ۾ جاري گئس ۽ انرجي سيڪيورٽي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪي پي ڪي ۾ سوئي ناردرن  جي مسئلن ۽ چئلينجز تي آگاهي پڻ ڏني. ان موقعي تي گورنر  چيو ته سردين جي موسم ۾ گهريلو صارفين لاءِ گئيس لوڊ شيڊنگ جو وقت گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي صنعتي ڪارخانن کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿين. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ سوئي ناردرن جي سسٽم ۾ گئس جي مجموعي پيداوار 800 ايم ايم سي ايف ڊي آهي،  جنهن مان 500 ايم ايم سي ايف ڊي ڪي پي پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو عوام کي صوبي جي گئس ۽ قدرتي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ ثمر ملڻ گهرجن.

مزید خبریں