اسلام آباد / آئيس لينڊ -14 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ، عملي حل تلاش ڪرڻ، ورچوئل گرين يونيورسٽي قائم ڪرڻ، گرين اسٽارٽ اپس لاءِ فنڊ ۽ سرڪاري وسيلن سان تيار ڪيل انفارميشن ٽيڪنالاجي تائين گڏيل رسائي فراهم ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي آهي. آئيس لينڊ ۾ آرڪٽڪ سرڪل اسيمبلي …
گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ موسمياتي آفتن جا تباهه ڪن اثر پاڪستان جي اترئين جابلو علائقن ۾ رهندڙ ڪمزور آبادين کي متاثر ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد / آئيس لينڊ -14 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ، عملي حل تلاش ڪرڻ، ورچوئل گرين يونيورسٽي قائم ڪرڻ، گرين اسٽارٽ اپس لاءِ فنڊ ۽ سرڪاري وسيلن سان تيار ڪيل انفارميشن ٽيڪنالاجي تائين گڏيل رسائي فراهم ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي آهي. آئيس لينڊ ۾ آرڪٽڪ سرڪل اسيمبلي 2026ع کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ موسمياتي آفتن جا تباهه ڪن اثر پاڪستان جي اترئين جابلو علائقن ۾ رهندڙ ڪمزور آبادين کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ماحولياتي نقصانن تي افسوس جي اظهار ڪرڻ بدران انهن مسئلن جي عملي حل لاءِ گڏيل قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ گليشيئرز جو پگهرجڻ خاموشي سان ناهي ٿيندو پر ان جي نتيجي ۾ وڏا پٿر ڪرڻ، پاڻي جي تيز وهڪري ۽ وادين ۾ تباهي سبب مقامي آبادين کي شديد نقصان کي منهن ڏيڻو پئجندو آهي. هن هنزه جي علائقي حسن آباد جي رهائشي زارا جو مثال ڏيندي ٻڌايو ته مئي 2022ع ۾ گرمي پد وڌڻ ۽ گليشيئر جي پٺيان ڍنچ بڻجڻ کان پوءِ سپر گليشيئر ٽٽي پيو جنهن سان مقامي آبادي جي زندگي جو نظام متاثر ٿيو. هن چيو ته زارا جو مڙس ٻني ۾ ڪم ڪري رهيو ته گليشيئر ٽٽڻ جو واقعو پيش آيو. هن گهر پهچي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي حفاظت سان اتان ڪڍي ورتو جڏهن ته سندس گهر، مال ۽ اسڪولن ۽ ڪلينڪس سميت بنيادي سهولتون تباهه ٿي ويون. هن نيپال ۾ آگسٽ دوران پيش آيل گليشيائي آفت جو حوالو ڏيندي چيو ته اتي اڌ ڪلاڪ اندر پاڻي جي سطح ۾ 9 ميٽر يعني 27 فوٽ اضافو ٿيو جنهن سان پلون، روڊ، اسپتالون ۽ ٻيو بنيادي ڍانچو متاثر ٿيو. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 600 فوتگيون ٿيون جڏهن ته ڪجهه اندازن مطابق فوتگين جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ هو. هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل 15 سالن دوران پنج وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو جن جي نتيجي ۾ 6 هزار ماڻهو فوت، 19 هزار کان وڌيڪ زخمي يا معذور ٿيا ۽ 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا. هن هڪ اهڙي ٻوڏ جو به حوالو ڏنو جنهن سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. هن چيو ته پاڪستان جي جابلو علائقن جي گليشيئرز، گرين لينڊ ۽ ٻين قطبي خطن جي برفاني نظام هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. هن ٻڌايو ته کيس آگاهه ڪيو ويو ته 1980ع جي ڏهاڪي کان پوءِ پراڻي برف جو 80 سيڪڙو حصو پگهرجي چڪو آهي جڏهن ته گرين لينڊ ۾ به ڪيترائي ارب ٽن برف ضايع ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته انهن انگن اکرن ۾ امڪاني عدم درستگي باوجود موسمياتي تبديلين جو گڏيل چئلينج پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هن پاليسي سازن ۽ تحقيق ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو جابلو ۽ قطبي علائقن ۾ رهندڙ آبادين جي تجربن کي اهميت ڏين ڇاڪاڻ ته ان سان ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي سمجهڻ ۽ قدم کڻڻ جي تياري ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير پنهنجي تجويز جو خلاصو پيش ڪندي گرين يونيورسٽي، گرين انوويشن پليٽ فارم ۽ گڏيل ڊجيٽل ڪلائوڊ تي ٻڌل هڪ مربوط فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن خطاب جي پڄاڻي تي اسيمبلي ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ڳالهين کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪن ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ذميواري پوري ڪن.










