سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3000 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 8 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2572 رپين جي …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 8 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2572 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 77 هزار 973 رپين مان گهٽجي 3 لک 75 هزار 373 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 46 هزار 462 رپين مان گهٽجي 3 لک 44 هزار 104 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 172 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6360 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 144 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5452 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4183 ڊالرز مان گهٽجي 4153 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں