سنڌ جي اطلاعات کاتي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ 23 ملازمن کي ترقيون ڏنيون ويون

حيدرآباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ مجموعي طور 23 ملازمن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ 17 نائب قاصدن کي جونيئر ڪلارڪ ۽ 6 نائب قاصدن کي قاصد جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊمنسٽريشن اينڊ اڪائونٽس پاران باقاعده پروموشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.اهي ترقيون صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي …

حيدرآباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ مجموعي طور 23 ملازمن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ 17 نائب قاصدن کي جونيئر ڪلارڪ ۽ 6 نائب قاصدن کي قاصد جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊمنسٽريشن اينڊ اڪائونٽس پاران باقاعده پروموشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.اهي ترقيون صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ بئريسٽر ڪاشف گلزار شيخ جي خاص توجهه، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن طارق امام ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر صابر ڪاڪا جي ڪوششن جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيون. ترقي ماڻيندڙ ملازمن لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن تحت گهربل شرط پورا ڪيا هيا. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد پاران هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ ترقي ماڻيندڙ ملازمن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي.ان موقعي تي ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ چيو ته ملازمن جي محنت، خدمتن ۽ قابليت جو اعتراف ڪندي چيو ته کين ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. اهڙن قدمن سان ملازمن جا حوصلا وڌن ٿا ۽ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ پيشوراڻي صلاحيتن ۾ بهتري اچي ٿي. هن ترقي ماڻيندڙ سمورن ملازمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي پنهنجون نيون ذميواريون وڌيڪ محنت ۽ احساسِ ذميواريءَ سان نڀائيندا ۽ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

مزید خبریں