اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي 2 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته گئس جي پيداوار تقريبن مستحڪم رهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 62647 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي …
ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي 2 سيڪڙو گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي 2 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته گئس جي پيداوار تقريبن مستحڪم رهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 62647 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽ آهي. ان کان اڳ واري هفتي دوران ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 63747 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق جائزي هيٺ هفتي دوران ملڪ ۾ گئس جي سراسري روزاني پيداوار 2992 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي 2999 ايم ايم سي ايف ڊي پيداوار جي تقريبن برابر آهي. انگن اکرن مطابق 8 آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 32161 بيرل، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي 11720 بيرل، ماڙي انرجيز جي 1345 بيرل جڏهن ته پاڪستان آئل فيلڊز لميٽڊ جي 3326 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. گئس جي پيداوار جي حوالي سان او جي ڊي سي ايل جي سراسري روزاني پيداوار 584 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل جي 591 ايم ايم سي ايف ڊي، ماڙي انرجيز جي 825 ايم ايم سي ايف ڊي جڏهن ته پي او ايل جي 88 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.











