بيجنگ-14 آڪٽوبر(اي پي پي)يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري ڊبليو ٽي اي وهان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکند ٽئين رائونڊ ۾ داخل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 31 سالن جي يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري وومينز سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي مارٽا اوليهيونا ڪوسٽيو ڪ کي 2-1 تان شڪست ڏني. چين جي شهر …
ماريا سڪاري ڊبليو ٽي اي وهان اوپن ٽينس وومينز سنگلز ٽئين رائونڊ ۾ داخل

مزید خبریں
بيجنگ-14 آڪٽوبر(اي پي پي)يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري ڊبليو ٽي اي وهان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکند ٽئين رائونڊ ۾ داخل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 31 سالن جي يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري وومينز سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي مارٽا اوليهيونا ڪوسٽيو ڪ کي 2-1 تان شڪست ڏني. چين جي شهر وهان جي وينيوآپٽڪس ويلي انٽر نيشنل ٽينس اسٽار سينٽر ۾ کيڏيل ڊبليو ٽي اي ايونٽ جي وومينز سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ 31 سالن جي يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري بهترين راند پيش ڪندي يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي مارٽا اوليهيوانا ڪوسٽيوڪ کي نه رڳو شڪست ڏني پر ايونٽ مان به کيس ٻاهر ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ٽئين رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو، جتي سندس مقابلو وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪندڙ سلواڪيه جي مخالف رانديگرياڻي مياپوهانڪووا سان ٿيندو.











