بينڪاڪ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽا لينا جارجيوا ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي اداري پاران غربت ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي ٽرسٽ (پي آر جي ٽي) لاءِ فنڊنگ وڌائڻ واري پنهنجي واعدي کي پورو ڪن. ٽرسٽ گهٽ آمدني وارن ملڪن کي قرض وياج جي گهٽ شرح تي فراهم ڪندو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي سالياني …
آءِ ايم ايف پاران ميمبر ملڪن تي غربت ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي ٽرسٽ لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
بينڪاڪ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽا لينا جارجيوا ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي اداري پاران غربت ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي ٽرسٽ (پي آر جي ٽي) لاءِ فنڊنگ وڌائڻ واري پنهنجي واعدي کي پورو ڪن. ٽرسٽ گهٽ آمدني وارن ملڪن کي قرض وياج جي گهٽ شرح تي فراهم ڪندو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي بينڪاڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته موجوده معاشي صورتحال ۽ ذهانت جي تيز رفتار ترقي، اسريل ۽ اسرندڙ معيشتن وچ ۾ فرق کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، خاص ڪري ان حوالي سان ترقياتي امداد ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پنهنجي ميمبر ملڪن کان آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ رليف ٽرسٽ لاءِ پڻ ٻيهر فنڊ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. اهو هڪ خاص فنڊ آهي جيڪو غريب ترين ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرن کي منهن ڏيندڙ ملڪن کي قرض جي ادائگي ۾ رليف ۽ قرض کي ختم ڪرڻ لاءِ گرانٽس فراهم ڪندو آهي.











