گڏيل قومون -14 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش قدرتي آفتن سبب گهرن کي ساليانو 228 ارب ڊالرن جي نقصان کي نظر ۾ رکندي محفوظ ۽ آفتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ رهائشگاهن جي تعمير ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. قدرتي آفتن جي خطرن م گهٽتائي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن …
قدرتي آفتن سبب گهرن کي ساليانو 228 ارب ڊالرن جو نقصان، محفوظ ۽ مضبوط رهائشگاهن ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون -14 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش قدرتي آفتن سبب گهرن کي ساليانو 228 ارب ڊالرن جي نقصان کي نظر ۾ رکندي محفوظ ۽ آفتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ رهائشگاهن جي تعمير ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. قدرتي آفتن جي خطرن م گهٽتائي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطرن سبب محفوظ گهرن جي تعمير حڪومتن، اڏاوتي ادارن، انجنيئرن ۽ مقامي آبادين جي گڏيل ذميواري آهي. گڏيل قومن جي غربت جي خاتمي، خطرن ۽ آفتن واري شعبي موجب قدرتي آفتن سبب گهرن کي پهتل نقصان سامونڊي طوفانن، ٻوڏن، سونامي ۽ زلزلن سبب ٿيندڙ سڌي ريت نقصانن جو 43 سيڪڙو آهي. عالمي رسڪ پول 2026ع موجب آفتن بابت اڳواٽ خبردار ڪرڻ تي صرف 27 سيڪڙو اهڙن ماڻهن عملي قدم کنيا جن وٽ هنگامي منصوبا نه هئا جڏهن ته منصوبه بندي ۽ پنهنجين صلاحيت تي اعتماد رکندڙن ۾ اها شرح 83 سيڪڙو رهي.











