اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لانگ مارچ کي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ معيشت کي تباهه ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي بهترين مفاد ۾ مشڪل ترين فيصلو ڪرڻو پيو، اسان کليل دل سان ڳالهيون ڪيون پر ٻئي طرف کان مثبت جواب نه مليو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز …
وزيراعظم سان تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت هيٺ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات، خيبرپختونخواهه جي عوام جي بهترين مفاد ۾ مشڪل ترين فيصلو ڪرڻو پيو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لانگ مارچ کي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ معيشت کي تباهه ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي بهترين مفاد ۾ مشڪل ترين فيصلو ڪرڻو پيو، اسان کليل دل سان ڳالهيون ڪيون پر ٻئي طرف کان مثبت جواب نه مليو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر، تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت هيٺ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، سينيٽر عامر ولي الدين چشتي، سينيٽر خالده اتيب، قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، عبدالعليم خان، سيد وسيم حسين، آسيه اسحاق صديقي، محمد جاويد حنيف خان، محمد معين عامر پيرزاده، محمد اقبال خان، حسان صابر، صادق افتخار، ارشد عبدالله وهرا، سيد حفيظ الدين، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن، احمد سليم صديقي، فرحان چشتي، نگهت شڪيل خان، سبهين غوري، راڻا انصر، صوفيه سعيد شاهه ۽ سنجي پارواڻي شامل هئا. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي خيبرپختونخواهه صوبي جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي بهترين مفاد ۾ اهو مشڪل ترين فيصلو ڪرڻو پيو، اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪهڙي طرح اسان کي اهو انتهائي قدم نه کڻڻو پوي، اسان کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر ٻئي طرف کان مثبت جواب نه مليو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگرد حملن ۾ عام شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو پئي ويو جڏهن ته صوبائي حڪومت دهشتگرد گروهن جي خلاف کلي ڪري آواز اٿارڻ ۾ ناڪام رهي، لانگ مارچ ملڪ جي بهتر ٿيندڙ معيشت کي تباهه ڪرڻ جي سازش هئي. وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي جي حوالي سان حڪومتي فيصلن تي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.











