لنڊن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريمئير ليگ جي اهم ميچ ۾ ليور پول کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ پنهنجي برتري وڌيڪ مستحڪم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان فتح سان مانچسٽر سٽي 3 قيمتي پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 18 پوائنٽس سان پنهنجي ٽاپ پوزيشن وڌيڪ بهتر بڻائي ورتي، پر ڪلب خلاف مالياتي ضابطن جي ڀڃڪڙين جي الزامن …
انگلش پريمئير ليگ ۾ مانچسٽر سٽي پاران ليور پول خلاف شاندار فتح

مزید خبریں
لنڊن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريمئير ليگ جي اهم ميچ ۾ ليور پول کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ پنهنجي برتري وڌيڪ مستحڪم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان فتح سان مانچسٽر سٽي 3 قيمتي پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 18 پوائنٽس سان پنهنجي ٽاپ پوزيشن وڌيڪ بهتر بڻائي ورتي، پر ڪلب خلاف مالياتي ضابطن جي ڀڃڪڙين جي الزامن ان شاندار ڪاميابي جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو آهي. مانچسٽر سٽي ليور پول خلاف دٻاءُ سان ڀرپور ماحول ۾ بهترين راند پيش ڪئي. ايرلنگ هالينڊ، جيريمي ڊوڪو ۽ ريان چرڪي ٻي هاف ۾ گول ڪري ٽيم جي فتح يقيني بڻائي. ان ڪاميابي بعد مانچسٽر سٽي کي ليگ ۾ پنهنجن مخالفن تي 3 پوائنٽس جي برتري حاصل ٿي وئي. ميچ کان اڳ ليور پول جي مداحن مانچسٽر سٽي خلاف احتجاج ڪيو ۽ ڪلب تي مالياتي بي ضابطگين جي الزامن جي حوالي سان بينرز به لڳايا. مانچسٽر سٽي جي فتح ٽائٽل جي ڊوڙ کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي، پر ڪلب خلاف ڪارروائي جي قطعي فيصلي تائين ليگ جي موجوده صورتحال غير يقيني رهندي.











