اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسپين جي قومي ڏينهن تي شاهه فلپ ڇهين ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان اسپين سان پنهن پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجديد جوڳي توانائي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ …
پاڪستان، اسپين سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: آصف علي زرداري
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسپين جي قومي ڏينهن تي شاهه فلپ ڇهين ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان اسپين سان پنهن پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجديد جوڳي توانائي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسپين جي شاهه فلپ ڇهين جي نالي پنهنجي مبارڪن واري خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپين سان گڏيل خيرسگالي ۽ تعميري رابطن تي ٻڌل پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ميدان ۾وڌندڙ لاڳاپا تجديد جوڳي توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن م تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو، ان کان علاوه يونيورسٽين، تحقيق ڪندڙن ۽ ڪاروباري ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. صدر اسپين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ اهم رابطو قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين گڏيل قومن سميت ٻين گهڻ رخي فورمن تي گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري ماحولياتي قدمن، پائيدار ترقي ۽ عالمي امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ويجهو تعاون رکيو پيا وڃن. صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گڏيل مفادن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.











