گڏيل قومن پاران رياض ايئرپورٽ تي حوثي ميزائل حملي جي شديد مذمت، شهرين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو فوري بند ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون - 12 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش رياض جي مرڪزي هوائي اڏي تي حوثي باغين جي ميزائيل حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙا حملا فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جاري بيان ۾ حملن جي مذمت ڪئي آهي. سعودي اختيارين مطابق شاهه خالد …

گڏيل قومون – 12 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش رياض جي مرڪزي هوائي اڏي تي حوثي باغين جي ميزائيل حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙا حملا فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جاري بيان ۾ حملن جي مذمت ڪئي آهي. سعودي اختيارين مطابق شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حملي ۾ 12 ماڻهو مارجي ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. سعودي عرب جي سول ايوي ايشن اٿارٽي ٻڌايو ته حملي ۾ 309 ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گڏيل قومن مطابق مارجي ويلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار سعودي شهري، ٻه بنگلاديشي ۽ هڪ آمريڪي شهري شامل آهي جڏهن ته مصر، اردن، شام، فلسطين ۽ سوڊان سان تعلق رکندڙ ماڻهو به مارجي ويا آهن. حملي کان پوءِ هوائي اڏي تي اڏامن جي اچ وڃ بند ڪئي وئي ۽ ڪجهه اڏامن جو رخ ٻين هوائي اڏن ڏانهن ڪيو ويو، سعودي اختيارين اطلاع ڏنو ته رياض ايئرپورٽ جي هڪ مسافر ٽرمينل تي هڪ ٻيو پروجيڪٽائل ڪريو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ باهه لڳي وئي آهي. هلندڙ هفتي هوائي اڏن تي اهو حوثين جو ٽيون حملو هو. ان کان اڳ خميس تي ٿيل حملن ۾ سعودي ايئر لائينز جي هڪ پائليٽ سميت 3 سعودي شهري مارجي ويا هئا، جڏهن ته شاهه خالد ۽ ابها ايئرپورٽس تي ان کان پهرين ٿيل حملن ۾ وڌيڪ 3 ماڻهو مارجي ۽ 36 زخمي ٿي پيا هئا.