آمريڪا پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي، انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ روڪڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا روس جي توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن جي معاملي تي يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي ۽ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا نالو ظاهر نه ڪندڙ يورپي عهديدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي اختيارين 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي يورپي گادي وارن شهرن ۽ ڪيف ۾ عملدارن سان ٽيليفونڪ رابطا …

واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا روس جي توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن جي معاملي تي يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي ۽ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا نالو ظاهر نه ڪندڙ يورپي عهديدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي اختيارين 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي يورپي گادي وارن شهرن ۽ ڪيف ۾ عملدارن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا ۽ کين يوڪرين لاءِ آمريڪي هٿيارن جي خريداري پروگرام ۽ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ جي معطلي کان خبردار ڪيو. رپورٽ مطابق آمريڪي اختيارين يوڪرين لاءِ آمريڪي هٿيارن جي خريداري جي ترجيحي طريقيڪار (پي يو آر ايل) کي روڪڻ جي ڌمڪي به ڏني. ميڊيا مطابق وائٽ هائوس انهن ٽيليفونڪ رابطن جي تصديق يا ان تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر تي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽورٿ سوشل تي لکيو هو ته روس ۽ يوڪرين توانائي جي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.