رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي)سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته مسجد نبوي صه، مديني شريف ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئون اجازت نامو گذريل اجازت نامي جي 365 ڏينهن بعد جاري ٿي سگهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت سومر ڏينهن مسجد نبوي صه ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئون اجازت نامو جاري ڪرڻ جو شرط مقرر ڪيو آهي. وزارت وضاحت ڪئي آهي ته …
رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئون اجازت نامو 365 ڏينهن بعد جاري ٿي سگهندو: حج ۽ عمري واري وزارت
رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي)سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته مسجد نبوي صه، مديني شريف ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئون اجازت نامو گذريل اجازت نامي جي 365 ڏينهن بعد جاري ٿي سگهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت سومر ڏينهن مسجد نبوي صه ۾ رياض الجنه جي زيارت لاءِ نئون اجازت نامو جاري ڪرڻ جو شرط مقرر ڪيو آهي. وزارت وضاحت ڪئي آهي ته اهو مدو مڪمل ٿيڻ بعد درخواست ڏيندڙ جي اهليت ۽ ”نسڪ“ ايپ تي دستياب وقت مطابق نئون اجازت نامو جاري ڪرڻ ممڪن ٿيندو. وزارت وضاحت ڪئي ته مسجد نبوي ويجهو موجود زائرين دستياب اوت مطابق رياض الجنه جي زيارت لاءِ اجازت نامو حاصل ڪرڻ لاءِ ”فوري بڪنگ“ جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. انهن سهولتن ذريعي رياض الجنه ۾ زائرين جي داخلا کي منظم ڪرڻ ۽ زيارت جي وقت جو انتظام ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. واضح رهي ته رياض الجنه جي ايراضي اٽڪل 330 چؤرس ميٽر آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 22 ميٽر ۽ ويڪر 15 ميٽر آهي.










