اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ شاه خالد عالمي هوائي اڏي تي حوثين جي حملي ۾ 6 پاڪستانين جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي انتهائي ڏک ٿيو ته رياض ۾ شاه خالد عالمي هوائي اڏي تي حوثين جي حملي …
وزيراعظم پاران رياض ۾ حوثين جي حملي ۾ پاڪستانين جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ شاه خالد عالمي هوائي اڏي تي حوثين جي حملي ۾ 6 پاڪستانين جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي انتهائي ڏک ٿيو ته رياض ۾ شاه خالد عالمي هوائي اڏي تي حوثين جي حملي جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي. وزيراعظم چيو ته رياض ۾ پاڪستاني سفارتخانو سعودي عملدارن سان ويجهي رابطي ۾ آهي ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي.











