اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت صوبائي حڪومت جا اختيار گورنر حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان گڏ ئي گورنر جي مدد ۽ حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ 11 رڪني باضابطا مشاورتي ڪائونسل جوڙي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيبينٽ سيڪريٽريٽ طرفان گزٽ آف پاڪستان لاءِ وفاقي حڪومت جو آرڊر نمبر 1/2026ع جاري ڪيوويو آيه. نوٽيفڪيشن جي متن …
وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ گورنر جي مدد لاءِ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل جوڙي ڇڏي، باضابطا آرڊر جاري
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت صوبائي حڪومت جا اختيار گورنر حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان گڏ ئي گورنر جي مدد ۽ حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ 11 رڪني باضابطا مشاورتي ڪائونسل جوڙي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيبينٽ سيڪريٽريٽ طرفان گزٽ آف پاڪستان لاءِ وفاقي حڪومت جو آرڊر نمبر 1/2026ع جاري ڪيوويو آيه. نوٽيفڪيشن جي متن موجب صوبي ۾ آئيني گهرجن مطابق حڪومت نه هلائڻ تي 11 آڪٽوبر 2026ع تي پروڪليميشن جاري ڪيو ويو آهي. آئين جي آرٽيڪل 232 جي شق (2) جي پيراگراف (سي) تحت وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا جي گورنر کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن جنهن تحت هو وفاق طرفان صوبائي حڪومت جا سمورا اختيار ۽ فرض سرانجام ڏيندو.جڏهن ته فرضن جي ادائگي لاءِ کيس هڪ مشاورتي ڪائونسل جي مدد حاصل هوندي. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل حڪم نامي تحت جوڙيل 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل ۾ طارق محمود پاشا، ڊاڪٽر عامر عبدالله، ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر، ثمر بلور، ڊاڪٽر سرفراز علي، عامر جاويد، ڊاڪٽر ايم ارشد، ڪفايت الله، طيب قريشي، عثمان سيف الله خان ۽ آصف رفيق کي شامل ڪيو ويو آهي. هي ڪائونسل صوبي جي انتظامي ۽ حڪومتي معاملن ۾ خيبر پختونخوا جي گورنر جي مددگار رهندي.











