اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ذهني صحت کي صحت، انساني وقار ۽ قومي ترقي جو لازمي جز قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي ذهني صحت جي حوالي سان رڳو آگاهي تائين محدود رهڻ بدران عملي قدم کڻن، اهڙو پاڪستان جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن جتي ماڻهو ڪنهن فرق کانسواءِ ذهني صحت بابت مدد حاصل ڪري سگهن …
صدر آصف علي زرداري پاران ذهني صحت انساني وقار ۽ قومي ترقي جو لازمي جز قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ذهني صحت کي صحت، انساني وقار ۽ قومي ترقي جو لازمي جز قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي ذهني صحت جي حوالي سان رڳو آگاهي تائين محدود رهڻ بدران عملي قدم کڻن، اهڙو پاڪستان جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن جتي ماڻهو ڪنهن فرق کانسواءِ ذهني صحت بابت مدد حاصل ڪري سگهن ۽ هر شخص عزت ۽ وقار سان اميد جوڳي زندگي گذاري سگهي. هن اها ڳالهه ذهني صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 10 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي صدر سڄي پاڪستان جي عوام خاص طور تي ذهني صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن، انهن جي گهرڀاتين، نگهداشت ڪندڙن، ذهني صحت جي ماهرن ۽ ان شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته هلندڙ سال ذهني جي صحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع “ذاتي تجربن کي ٻڌو وڃي: حقيقي آواز، حقيقي تبديلي” ذهني صحت جي مسئلن مان گذرندڙ ماڻهن جا تجربا ٻڌڻ ۽ انهن جي موقف کي لاڳاپيل پاليسين، خدمتن ۽ فيصلن ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. صدر چيو ته ذهني صحت، انساني وقار ۽ قومي ترقي جو هڪ لازمي جز آهي، اسان کي اهڙو پاڪستان جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن جتي ماڻهو ڪنهن بدنامي يا فرق جي خوف کانسواءِ ذهني صحت بابت مدد حاصل ڪري سگهي، معياري سهولتون پهچ جوڳيون ۽ گهٽ خرچ هجن ۽ هر شخص عزت ۽ وقار سان اميد جوڳي زندگي گذاري سگهي. صدر ذهني صحت جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ بنيادي صحت جي سهولتن سميت وسيع تر صحت ۽ سماجي ترقي جي قدمن ۾ ذهني صحت کي شامل ڪرڻ جي لاءِ طبي ماهرن، سول سوسائٽي تنظيمن، ترقياتي حصيدارن، مقامي آبادين ۽ خاندانن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان اسان جي وابستگي ۽ ڪوششون معاشري جي سمورن طبقن، خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن، عورتن، معذور ماڻهن، ڪمزور آبادين ۽ هنگامي حالتن ۽ مشڪلاتن کان متاثر ماڻهن تائين پهچڻ گهرجن. صدر آصف علي زرداري ان اهم ڏينهن جي موقعي تي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته اهي رڳو آگاهي تائين محدود رهڻ بدران بامعنى قدم کڻن، ذهني صحت جي مسئلن مان گذرندڙ ماڻهن جي تجربن کي ڌيان سان ٻڌن، عيب جي نظر سان ڏسڻ ۽ فرق جو خاتمو ڪن، ڪميونٽي جي سطح تي ذهني صحت جي خدمتن کي مضبوط بڻائين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ذهني صحت يونيوسل هيلٿ ڪوريج ۽ قومي ترقي جو لازمي حصو بڻيل رهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اچو هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون جتي هر شخص جي ڳالهه ٻڌي وڃي، ان جو قدر ڪيو وڃي ۽ عزت ۽ وقار سان سلوڪ ڪيو وڃي ۽ جتي ذهني صحت کي عوام جي مجموعي صحت ۽ ڀلائي جو بنيادي جز تسليم ڪيو وڃي.










