حڪومت قومي صحت واري وزارت جي ذريعي پاڪستان قومي ذهني صحت پاليسي 35 – 2026ع تي ڪم ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ذهني صحت جي عالمي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت قومي صحت واري وزارت جي ذريعي پاڪستان قومي ذهني صحت پاليسي 35 – 2026ع تي ڪم ڪري رهي آهي، ذهني مرض جي شڪار ماڻهن جو علاج، نگهداشت ۽ بحالي سمورين اڪائين بشمول حڪومت، تعليمي ادارن، خاندانن، سول سوسائٽي، ماهرن، ترقياتي حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ذهني …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت قومي صحت واري وزارت جي ذريعي پاڪستان قومي ذهني صحت پاليسي 35 – 2026ع تي ڪم ڪري رهي آهي، ذهني مرض جي شڪار ماڻهن جو علاج، نگهداشت ۽ بحالي سمورين اڪائين بشمول حڪومت، تعليمي ادارن، خاندانن، سول سوسائٽي، ماهرن، ترقياتي حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ذهني صحت جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ذهني صحت جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي ذهني مرض ۽ نفسياتي مسئلن جي علاج جي اهميت تي ڀرپور انداز ۾ آواز اٿاري ٿو. هن چيو ته ان ڳالهه جو احساس لازمي آهي ته ذهني صحت کانسواءِ جسماني صحت جو تصور اڻ مڪمل آهي، هن سال اهو ڏينهن عالمي سطح تي “زندگي جي تجربن کي ٻڌو وڃي: حقيقي آواز، حقيقي تبديلي” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ذهني مرض جي شڪار ماڻهن جو موقف ٻڌڻ ۽ ان کي لاڳاپيل پاليسيز، خدمتن ۽ فيصلن ۾ شامل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ذهني مرض جي علاج ۽ صحت جي نظام کي موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ متاثر ماڻهن جي مسئلن ۽ ماهرن جي راءِ جي بامعنى شموليت ئي ڪامياب حڪمت عملي جي ضمانت آهي. ذهني صحت جو تعلق رڳو ذهني مرض سان ئي نه پر نوجوان نسل جي ذهني واڌويجهه ۽ صلاحيتن کي مڪمل استعمال ۾ آڻڻ جي نظام تي به آهي. نوجوانن جي شخصيت سازي، صلاحيتن جي نکار ۽ ذهني ارتقاءَ ۾ درپيش مسئلن جو ادراڪ انفرادي ۽ گڏيل سطح تي ضروري آهي. انهن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ سان ئي بهترين افرادي صلاحيت ۽ قابليت کي قومي ترقي ۽ خوشحالي جي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ذهني مرض جي نشاندهي ۽ علاج کي جسماني مرض وانگر انفرادي، خانداني ۽ معاشرتي قبوليت جو ماحول گهرجي ته جيئن متاثر ماڻهو غيرضروري معاشرتي دٻاءُ کان آزاد ٿي سمورو ڌيان مرض جي علاج ۽ صحت جي بحالي تي مرڪوز ڪري سگهن. اڄ به ڪيترائي ماڻهو ذهني صحت بابت سماجي بدنامي، وقت سر علاج ۾ دير ۽ ضروري مدد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ذهني مرض بابت امتيازي رويي ۽ علاج ۾ شرمندگي جي صورتحال تبديل ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. حڪومت، قومي صحت واري وزارت جي ذريعي پاڪستان قومي ذهني صحت پاليسي 35 – 2026ع تي ڪم ڪري رهي آهي. اها پاليسي ذهني صحت بابت قومي حڪمت عملي کي واضح ڪري ٿي جيڪا وڌيڪ قابل پهچ، منصفاڻي، حقن تي ٻڌل هجي، ان پاليسي تي موثر ۽ نتيجن تي ٻڌل عملدرآمد حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت متاثر ماڻهن جي لاءِ وقت سر تشخيص ۽ مداخلت جي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ معياري نگهداشت جي لاءِ موثر  ذريعن تائين پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. حڪومت ان ڏس ۾ صوبائي حڪومتن ۽ مقامي سطح تي سمورن لاڳاپيل حصيدارن سان گڏجي ذهني صحت جي خدمتن کي بنيادي صحت مرڪزن، تعليمي ادارن ۽ ڪميونٽي پليٽ فارمز تي ٺوس ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ذهني صحت جي ڏس ۾ ٻار، نوجوان، عورتون ۽ ڪمزور ۽ محروم طبقا ۽ غربت، لڏپلاڻ، هنگامي حالتن ۽ موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کان متاثر آبادي اسان جي خصوصي ڌيان جا طلبگار آهن. ذهني مرض جي شڪار ماڻهن جو علاج، نگهداشت ۽ بحالي سمورين اڪائين بشمول حڪومت، تعليمي ادارن، خاندانن، سول سوسائٽي، ماهرن، ترقياتي حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هر پاڪستاني کي اپيل ڪريان ٿو ته هو اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جتي ماڻهو بنا ڪنهن ڊپ ۽ بنا ڪنهن شرمندگي جي ذهني صحت تي ڳالهه ڪري سگهن ۽ صحتمند، فعال ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهن.

مزید خبریں