اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي سربراهي اجلاس جي لاءِ سمورا انتظام وقت سر ۽ جامع انداز ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جون تياريون ملڪ جي روايتي مهمان نوازي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي دائري ۾ تعاون جي عزم جي عڪاسي هجڻ گهرجن. …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ايس سي او ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس لاءِ سمورا انتظام وقت سر ۽ جامع انداز ۾ ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي سربراهي اجلاس جي لاءِ سمورا انتظام وقت سر ۽ جامع انداز ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جون تياريون ملڪ جي روايتي مهمان نوازي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي دائري ۾ تعاون جي عزم جي عڪاسي هجڻ گهرجن. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي سربراهي اجلاس جي انتظامن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اهو سربراهي اجلاس پاڪستان جي ميزباني ۾ 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته سمورا انتظام وقت سر ۽ جامع انداز ۾ اڳتي وڌايا وڃن. اجلاس جي اهميت کي اجاگر ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير زوري ڀريو ته پاڪستان جون تياريون ملڪ جي روايتي مهمان نوازي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي دائري ۾ تعاون جي عزم جي عڪاسي هجڻ گهرجن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، دفاع واري سيڪريٽري، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










